درگاهه گجو راڻو

درگاهه گجو راڻو (ماڳ): هي سومرا دؤر جو ماڳ آهي، جيڪو عمرڪوٽ شهر ۾ لانٻي گرائونڊ جي اولهندي پاسي واقع آهي. هي بزرگ اصل ٺڪر هو. سندس اصل نالو گجو سنگهه هو. حضرت بهاؤ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي هٿ تي بيعت ڪري مسلمان ٿيو. مرشد طرفان سندس نالو معلم الدين رکيو ويو، اسلام قبول ڪرڻ تي سندس ڀاءُ سرتاڻ سنگهه کيس ڪاوڙ مان شهيد ڪري ڇڏيو. سندس اولاد گجو مسلمان آهن. درگاهه جا مجاور ڀيل آهن. لانٻي گرائونڊ جي اولهندي پاسي کٻڙن جي جهنڊ ۾ سندس مزار آهي. مٿس هر سال چيٽي ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو